محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

اسلام آباد : محسن پاڪستان ۽ پاڪستان جي ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي آهي قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. محسن پاڪستان جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ هڪ انڪلوزر عوام جي لاءِ ٺاهيو ويو هو جڏهن ته ٻيو انڪلوزر وي آءِ پيز جي قائم ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز کان پوءِ سندس مڙهه کي تدفين لاءِ H 8 قبرستان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر عبدالقادر جي جنازي نماز لاءِ پڻ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔