پاڪستان جو محسن ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان عبدالقدير خان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: پاڪستان جو محسن ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان 85 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، اپوزيشن ليڊر شهباز، پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن پاران ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڦڦڙن ۾ تڪليف جي ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ خالق حقيقي سان وڃي مليو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي صبح 6 وڳي ڪي آر ايل اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ان جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي هئي، ڊاڪٽرز ايٽمي سائنسدان کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر صبح 7 لڳي 4 منٽ تي هو فاني جهان مان هميشه لاءِ هليو ويو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به ڊاڪٽر عبدالقدير جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته محسن پاڪستاني جي طبيعت ڪجهه عرصي کان ٺيڪ نه هئي. سڌ سماءُ بابت مملڪتي وزير فرخ حبيب به ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي محسن جو وڇوڙو قومي سانحي کان گهٽ ناهي. قائد اعظم پاڪستان ٺاهيو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو: سراج الحق جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قائد اعظم پاڪستان بڻايو پر ڊاڪٽر قدير پاڪستان کي محفوظ بڻايو. محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي هن چيو ته ملڪ ۽ قوم اڄ پنهنجي پاڪستان جي محسن کان محروم ٿي ويا آهن. سراج الحق جو چوڻ هو ڊاڪٽر عبدالقدير خان صرف هڪ سياستدان ئي نه پر هڪ ليکڪ، عالم ۽ قوم جو ڏک سور رکڻ وارو با عمل مسلمان هو، هن جي لاڏاڻي تي نه صرف پاڪستان پر پوري امت مسلمه جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔