عوامي مسئلن جي حل جو تسلسل جاري رکيو وڃي: پ پ چيئرمين

لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تنظيمي عهديدارن کي هدايتون ڪيون آهن ته عوامي مسئلن جي حل جو تسلسل جاري رکيو وڃي. لاڙڪاڻي جي نئين ديري هائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال، نثار کهڙي، خورشيد جوڻيجي، اعجاز جکراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري مختلف کاتن جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ورتي، مڪاني مسئلن جي حل ۽ مختلف کاتن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. پ پ چيئرمين چيو ته عوامي مسئلن جي حل جي تسلسل کي جاري رکيو وڃي، لاڙڪاڻي جي عوام جون جمهوريت لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، مقامي مسئلن جي حل ۾ ڪا رنڊڪ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته لاڙڪاڻي وارا ملڪ ۾ مزاحمتي سياست جي هڪ علامت آهن، هتان جي هر خوشي، ڏک ۽ هر مسئلي کي پنهنجو سمجهان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔