وڏي ميان ۽ سندس ڌيءَ ن ليگ جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪندي چيو آهي ته مولانا! توهان هڪ پليٽ حلوي لاءِ سڄي ديڳ ڇو ٿا اونڌي ڪرڻ چاهيو؟ مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جي ملاقات تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي سياسي انا جي تسڪين لاءِ ملڪ ۾ جاري جمهوري نظام سان نه کيڏي، توهان هڪ حلوي جي پليٽ لاءِ سڄي ديڳ انڌي ڇو ٿا ڪرڻ چاهيو؟ هن چيو ته شهباز شريف پارٽي ۾ ناانصافين جي ڪاوڙ غير آئيني ۽ غير جمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، اڳ ۾ طئي ڪرڻ ته پارٽي ۾ آهي يا نه وڏي ميان کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جماعت ن ليگ جي سياست کي وڏي ميان ۽ ان جي ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن عمران خان کي اقتدار ڏئي ته انهن کان برداشت نه ٿئي. فواد چوڌري اپوزيشن ليڊر کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مهانگائي آهي ته ان جو سبب توهان جي اربين کربين رپين جي ڪرپشن آهي. واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف ملڪ ۾ بنا دير شفاف چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔