اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود 17 ملڪن جي دورن تي حيران آهيان: گيلاني

ملتان: پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو هجڻ باوجود 17 ملڪن جي دورن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. ملتان ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته موسمياتي تبديلي بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت آئي هئي. هن چيو ته اسان آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو، صحافت تي پابندي نه هجڻ گهرجي، صحافين جي جائز مطالبن کي تسليم ڪيون ٿا. سندس وڌيڪ چوڻ هو مان حيران آهيان ته اي سي ايل ۾ نالو هجڻ باوجود 17 ملڪن ۾ وڃي چڪو آهيان. واضح رهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني کي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو، هو هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اٽلي وڃي رهيو هو، هن ايئرپورٽ تان اميگريشن ڪرائي ته خبر پيس سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔