پ پ جو آءِ ايم ايف سان شرطن تي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي اڳواڻ نفيسا شاهه حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جا تفصيل پارليامينت ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته اطلاع آهن ته آءِ ايم ايف سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائڻ جي ڊڪٽيشن ڏني آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف طرفان حڪومت کي سالياني ٽيڪس جو هدف 63 کرب ڪرڻ جي به ڊڪٽيشن ڏني وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پارليامان ۽ سياسي جماعتون آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين جي شرطن کان لاعلم آهن. نفيسا شاهه اهو مطالبو به ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي شرطن بابت اعتماد ۾ ورتو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔