عوام جي حقن جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نيب آرڊيننس بدنيتي آهي، رات جي اونداهيءَ ۾ جاري ٿيل نيب ترميمي آرڊيننس جو فائدو رڳو حڪومت کي آهي، نيب آرڊيننس سان حڪومت پنهنجي وزيرن کي تحفو ڏنو آهي. اورنگي ٽائون ۾ فيملي پارڪ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته بجلي جو اگھه آسمان تي آندو ويو، گيس جو بحران سڄي سنڌ ۾ آهي، گيس کي وفاق ڪنٽرول ڪندو آهي، حڪومت دعوائون ته گھڻيو ڪندي آهي پر ڪندي ڪجهه ناهي، ڪاش حڪومت ڪڻڪ ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ها. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ 60 ڪروڙ رپيا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، سنڌ حڪومت ستن ضلعن ۾ ترقي لاءِ پيسا مختص ڪيا آهن، عوام جي حقن جو ڪيس وڙهي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي عوام سان گڏجي مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ گيس جو بحران وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ چيو هو ته آدمشماري کان سواءِ بلدياتي اليڪشن نٿي ٿي سگھي، اليڪشن ڪميشن چوندو ته اسان فيبروري-مارچ تائين بلدياتي چونڊن لاءِ تيار آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔