مني لانڊرنگ ڪيس، شھباز ۽ حمزه شھباز جي ضمانت ۾ واڌ

لاھور: بئنڪنگ ڪورٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس نٿي ٻُڌي سگهي، ايف آءِ اَي اعتراض واري ڇڏيا، ايف آءِ اي چيو آهي ته ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن جا قلم شامل آهن، هي ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ نٿو هلائي سگهجي. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه جي ضمانت ۾ 30 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي. عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته ايف آءِ اي کي 11 مهينن بعد خيال آيو ته هي بينڪنگ ڪورٽ ڪيس نٿي ٻڌي سگهي، شهزاد اڪبر ايف آءِ اي کان بيان جاري ڪرائيندو آهي، حڪمران قوم جو پئسو ۽ عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔