نيب سکر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سرڪاري آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ بابت رپورٽ جمع

ڪراچي:نيب سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نيب متاثر سرڪاري آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ واري ڪيس ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. نيب جي رپورٽ ۾ مختلف کاتن جي 285 آفيسرن جا نالا شامل آهن، جن ۾ نيب کي رضا ڪاراڻه طور تي رقم واپس ڪرڻ وارا، پلي بارگين ڪرڻ وارا، ريفرنس ۾ نامزد، سزا يافته ۽ اپيل ڪندڙ آفيسرز شامل آهن. رپورٽ موجب رضاڪاراڻه طور تي رقم واپس ڪندڙ گريڊ 19 کان 17 جا 10 آفيسرز به شامل آهن، جڏهن ته پلي بارگين وارا سرڪاري آفيسرز ۾ گريڊ 17 کان 18 جا 53 شامل آهن، جيڪي مختلف عهدن تي مقرر هئا. نيب سکر جي رپورٽ موجب نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ گريڊ 18، 19 ۽ 20 جا 222 آفيسرز شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔