ارسا، پنجاب ۽ واپڊا سنڌ جو زرعي پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن: منظور وساڻ

ڪراي: پاڻي معاملي تي سنڌ ۽ وفاق ھڪ ڀيرو ٻيھر آمھون سامھون ٿي ويا، پاڻي جي ورڇ لاءِ ارسا جي 3 رخي فارمولي کي سنڌ سرڪار رد ڪري ڇڏيو .

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته فيصلي کي رد ۽ 1991 آبي معاھدي تحت سنڌکي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، ارساجو 3 رخي فارمولي وارو فيصلو غيرقانوني ۽ غيرآئيني آھي.

زراعت واري صلاحڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ 28 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڇو برداشت ڪري ٻيا صوبا ڇو نه؟، سنڌ کي آبي معاھدي تحت ربيع سيزن ۾ 14.82 حصي جو پاڻي ڏنووڃي، ڪٽوتي ڪنھن به صورت۾قبول ناھي.

منظوروساڻ چيو ته ربيع جي سيزن ۾ زرعي پاڻي بند ڪري وفاق سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيو زرعي بحران پيداڪرڻ چاھي ٿو، 18سالن کان ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙوھڻنداپيا اچن، ان جوحصاب ڪير ڏيندو.

منظور وساڻ الزام هڻندي چيو ته ارسا، پنجاب ۽ واپڊا سنڌ جو زرعي پاڻي چوري ڪرڻ ۾ ملوث آھن، ڪوٽڙي کان ھيٺ عام ماڻھن جي زندگي کي به خطرو آھي، کاري پاڻي سبب مختلف بيما ريون پکڻجن پيون.

هن چيو آهي ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت ھجڻ جي ڪري انھن جا ميمبر پنجاب جو ساٿ ڏين پيا، خريف ۾ سنڌ کي پاڻي گھٽ ڏيڻ جوفيصلو ارساڪيوآھي جيڪو سنڌ سان ناانصافي آھي.

منظور وساڻ چيو ته پاڻي گھٽ ملڻ سبب صوبي سان گڏ ملڪ جي غذائي تحفظ کي شديد خطرو آھي، سنڌ کي پاڻي نه ملڻ ڪري ھن ڀيري ڪپهه، ڪمند ۽ چانورن سميت ٻين فصلن کي نقصان پھتو.

هن چيو ته ارسا پاران 1991 جي معاھدي تي عمل نه ڪيو ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏيو ته ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين تباھ ٿي ويندا.

منظور وساڻ چيو ته عمران حڪومت سنڌجي زراعت لاءِ ڪوروناکان به وڌيڪ خطرنا ڪ ثابت ٿيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔