پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي مرضي جا آرڊيننس آڻڻ گهري ٿي:وڏو وزير

اسلام آباد : وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو ٻين جوابدارن تي نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اسلام آباد جي احتساب عدالت سمورن جوابدارن کي پهرين نومبر تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته عمران خان آف شور ڪمپنيز رکندڙن کي چور سڏيو هو، هاڻي پيندورا پيپرز ۾ جِن وفاقي وزيرن جون آف شور ڪمپنز ظاهر ٿيون، اُنهن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

وڏي وزير مراد علي شاھ جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي مرضي جا آرڊيننس آڻڻ گهري ٿي، قانونسازي پارليامينٽ مان ٿيڻ گهرجي، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڪٿي به نظر نه ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔