ڪراچي ۾ ايف آٰءِ اي جا مختلف ٽريول ايجنسين تي ڇاپا، 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي :ڪراچي ۾ ايف آٰءِ اي مختلف ٽريول ايجنسين تي ڇاپا هڻي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ترجمان موجب ڇاپا غيرقانوني ڪم ڪم ڪندڙ  ميسرز ڪاروان زائر الحسين ٽريول اينڊ ٽوئر سروسز،  ام فائيو، ڪرسثل ھومز تي ھنيا ويا.

ڇاپن دوران عابد حسين ولد عبدالغفور ۽ احمر آفاق ولد آفاق احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار يمسرز ڪاروان زائر الحسين ٽريول اينڊ ٽوئر سروسز جي نالي سان غيرقانوني آفيس ھلائي رھيا ھئا.

ترجمان موجب جوابدار  ارشد حسن ولد عبدالغفور جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني آفيس ھلائي رھيا ھئا،جوابدارن جي قبضي مان پاسپورٽ، جعلي ليٽر ھيڊز، وزيٽنگ ڪارڊز، اوڪي ٽو بورڊ اسٽيمپ ۽ ٻيا دستاويز ھٿ ڪيا ويا، جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري کائن پڇاڳاڇا جاري آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔