منجهند جي ننڊ صحت تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿي؟

ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ننڊ انساني صحت لاءِ فائديمند آهي ۽ طبي ماهر رات جو 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن پر ڪيترائي ماڻهو ان تي عمل ناهي ڪري سگهندا.
ان جو سبب ڪجهه به هجي پر اها سڀني کي خبر آهي ته ننڊ پوري نه ڪرڻ جو عمل صحت لاءِ تباهي آهي ۽ ان جو حل منجهند جو ڪجهه دير لاءِ ننڊ ڪرڻ ۾ آهي.
منجهند جو ڪجهه دير جي ننڊ يادداشت تيز، دفتري ڪارڪردگي بهتر، مزاج خوشگوار، ذهني ۽ جسماني چُستي ۽ ذهني دٻاءَ ۾ گهٽتائي آڻي ٿي.
هتي اسان توهان کي منجهند جي ننڊ جا اهي فائدا ٻڌائي رهيا آهيون، جن جي سائنس تصديق به ڪئي آهي.
يادداشت جي بهتري
منجهند جي ننڊ مختلف دماغي افعالن کي بهتر ڪندي آهي، جيڪي يادداشت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
ڪارڪردگيءَ جي بهتري
تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته ڏينهن جو ڪجهه منٽن جي ننڊ ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي.
ذهني دٻاءَ ۾ گهٽتائي
جيڪڏهن توهان تمام گهڻو ذهني دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهيو ته ڪجهه دير لاءِ منجهند جو ننڊ ڪيو، اهو عمل دٻاءُ گهٽائڻ سان گڏ مدافعتي صحت کي بهتر ڪري سگهي ٿو.
بيمارين کان ڇوٽڪارو
منجهند جي ننڊ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جنهن سان دل جي مرضن، هارٽ اٽيڪ ۽ اڌ رنگ جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.
تفصيلن جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت بهتر
منجهند جو ننڊ ڪرڻ سان نه رڳو سکيل شيون ياد رکڻ ۾ مدد ملي ٿي پر اهو ڪم دماغ کي انهن شين وچ ۾ تعلق بڻائڻ ۾ به مددگار آهي، جيڪي توهان سکندا آهيو.
هڪ تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته منجهند جو سمهڻ جي عادي ماڻهن لاءِ سڄي ڏينهن جا تفصيل گڏ ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ آسان هوندو آهي.
خوشگوار مزاج
جيڪڏهن توهان جو موڊ خراب هجي ته منجهند جو ڪجهه دير جي ننڊ يا رڳو آرام به مزاج تي خوشگوار اثر ڇڏي سگهي ٿو.
مختصر دورانيو به بهتر
منجهند جو رڳو 10 منٽن جي ننڊ به صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.
ٻارن لاءِ به فائديمند
منجهند جي ننڊ ٻارن جي سکڻ ۽ واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم هجي ٿي، جيڪي ٻار منجهند جو سمهڻ جا عادي هوندا آهن، انهن جي يادداشت بهتر هوندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔