سيف علي خان جي پٽ ابراهيم جي حوالي سان وڏي خبر

ممبئي : بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي پٽ ابراهيم جو شمار بالي ووڊ جي مقبول ترين اسٽار ڪڊز ۾ ٿيندو آهي.
سيف اڳ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ابراهيم هندي فلم انڊسٽري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منهنجي نقش قدم تي هلندو.
هن سال جي شروعات کان ئي اطلاع هئا ته ڪرن جوهر، ابراهيم جي بالي ووڊ ڊيبيو لاءِ مڪمل مدد ڪندو، هاڻ سيف علي خان پاڻ پنهنجي پٽ جي نئين اننگز جي حوالي سان خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ سيف علي خان پٽ ابراهيم علي خان جي مستقل جي حوالي سان کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن ٻڌايو ته منهنجو پٽ بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي پر هو اداڪاري نه پيو ڪري، ابراهيم ڪرن جوهر سان پنهنجي پهرئين پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو ڪرن جوهر جي ايندڙ فلم ”راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني“ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، هو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان فلم ۾ ڪم ڪندو.
واضح رهي ته فلم ۾ رنوير سنگهه، عاليا ڀٽ، ڌرميندرا، شبانه اعظمي ۽ جيا بچن به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔