بيوقوفي يا حادثو، ڀارتي جهاز روڊ تي گهمندي پُل هيٺان ڦاسي پيو

نئين دهلي: ڀارت جي گادي واري هنڌ ۾ هڪ جهاز جي منتقل ٿيڻ واري ڪارروائي دوران انوکو واقعو پيش آيو آهي، اهو واقعو گذريل هفتي ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ جهاز کي زميني رستي ذريعي نئين دهلي جي هوائي اڏي تان هڪ ٻئي جاءِ تي نيو پئي ويو.
ڀارتي ويب سائيٽ Indian Express موجب ڄاڻايل جهاز جا منظر سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويا، انهن وڊيو ڪلپز ۽ تصويرن ۾ جهاز کي نئين دهلي ۾ پنڌ گهمڻ واري ماڻهن جي پُل جي هيٺان ڦاٿل ڏسي سگهجي ٿو، جهاز جي اوچائي جي ڪري هو اهڙي پُل جي هيٺان گذري نه سگهيو.
ٻئي پاسي جهاز جي مالڪ جو چوڻ آهي سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي اهڙي وڊيو ڦهلجي وڃڻ حيران ڪندڙ آهي.
هن ٻڌايو ته پراڻي جهازن کي بهترين سهولتن واري ريسٽورينٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي اهڙي ئي ريت ايندڙ ماڻهو مهانگي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ بدران جهاز تي سوار ٿي کائڻ پيئڻ جي تجربي مان لطف اندوز ٿيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔