مزاحيه اداڪار عمر شريف جِي ڪراچي ۾ درگاهه عبدالله شاهه غازي جَي احاطي ۾ آلين اکين سان تدفين

ڪراچي: مزاحيه اداڪار عمر شريف جِي ڪراچي ۾ درگاهه عبدالله شاهه غازي جَي احاطي ۾ آلين اکين سان تدفين: جنازي نماز ۾ گورنر سنڌ، صوبائي وزيرن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف دِل ۽ گڙدن جي عارضي سبب 2 آڪٽوبر تي جرمني جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.ان کان اڳ ڪراچي ۾ ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪلفٽن جي علائقي ۾ عمر شريف پارڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي وزير سعيد، مرتضي وهاب، مصطفيٰ ڪمال، خرم شير زمان ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن سوڌو شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ هزارين شهرين شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔