ٻارڙي دنيا جي سڀ کان ننڍي فلڪيات ماهر بڻجي وئي

برازيليا (دلچسپ نيوز) برازيل جي شهر فورٽاليزا سان واسطو رکندڙ 8 ورهين جي نڪول اوليويرا (Nicole Oliveira) دنيا جي سڀ کان ننڍي فلڪيات ماهر هجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نڪول ناسا سان سلهاڙيل پروگرام ۾ شامل ٿي ايسٽرائيڊز يعني سيارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.نڪول هن وقت تائين 18 سيارچا ڳولي ورتا آهن، ناسا ان پروجيڪٽ کي ايسٽرائيڊ هنٽر ”Asteroid Hunters“ جو نالو ڏنو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي ڪائنات ۾ دريافتن لاءِ مدد ڏئي سائنس متعارف ڪرائڻ آهي.والدين موجب نڪول جو ڪمرو شمسي نظام جي پوسٽرن سان ڀريل آهي ۽ هوءَ پنهنجي فارغ وقت ۾ ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان آسمان جون تصويرون ڪڍندي رهندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔