صدر عارف علوي، نيب ترميمي آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي، نيب ترميمي آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو، نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال نئون چيئرمين مقرر ٿيڻ تائين عهدي تي برقرار رهندو: آرڊيننس موجب صدر عارف علوي نيب چيئرمين جي مقرري وزير اعظم ۽ اپوزيشن ليڊر سان مشاورت بعد ڪندو، جيڪڏهن مشاورت ۾ اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو، آرڊيننس موجب صدر عارف علوي پنهنجي مرضي موجب ملڪ ۾ احتساب عدالتون قائم ڪري سگهندو، نيب عدالتن جا جج هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت بعد مقرر ٿيندا، صدارتي آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو، مدو پورو ٿيڻ بعد ايندڙ چئن سالن لاءِ به ساڳيو چيئرمين برقرار رهي سگهندو، نيب چيئرمين کي رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ذريعي هٽائي سگهبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔