وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ پوليو جي خاتمي وارين ڪوششن، غذائيت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بنائڻ جي لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

ان موقعي تي بل گيٽس چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي تائين پروگرام کي جاري رکڻ جو واعدو ڪريان ٿو وزيراعظم ۽ بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي افغانستان ۾ پوليو مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت واري زندگي گذاري رهي آهي کيس مالي مدد جي سخت ضرورت آهي. بل گيٽس افغان عوام کي انساني امداد فراهم ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔