مزاحيه فنڪارعمرشريف جو مڙھ ڪراچي پهچايو ويو، تدفين اڄ ڪئي ويندي

ڪراچي: مزاحيه فنڪار عمر شريف جو مڙھ اڄ صبح ترڪي مان ڪراچي پهچايو ويو آهي ..

مڙھ ايڌي سرد خاني کان پوءِ گلشن اقبال ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو جتي مٽن مائٽن کي آخري ديدار ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ جنازي نماز ۽ تدفين جي حوالي سان تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

عمر شريف جي جنازي نماز ڪلفٽن ۾ عمر شريف پارڪ ۾ اد ڪئي ويندي، جنازي نماز لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،

عمر شريف جي تدفين عبدالله شاه غازي جي مزار جي احاطي ۾ ٿيندي، عمر شريف جو مڙهه ڪراچي پهچڻ تي صوبائي وزير سعيد غني، ۽ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽِي آءِ اڳواڻ پڻ ايئرپورٽ پهتا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔