نيب چيئرمين لاءِ اپوزيشن ليڊر سان وزيراعظم نھ پر صدر مشاورت ڪندو: وفاقي وزير

اسلام آباد: اپوزيشن سياست ڪئي ته وزيراعظم جو به موڊ تبديل ٿي ويو، صدر طرفان وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر سان ۾ مشاورت بعد نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، ڊيڊلاڪ جي صورت ۾ مامرو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، نيب ترميمي آرڊيننس مان چيئرمين لاءِ نان ايڪسپينڊ ايبل جو لفظ تبديل ڪري ڇڏيو. قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس ۾ بيورو ڪريسي لاءِ سٺي خبر آهي، ٽئڪسز جا ڪيسز ايف بي آر ڏانهن هليا ويندا، نيب چيئرمين خلاف مس ڪنڊڪٽ جي شڪايت هوندي ته اُن کي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏسندي، آرڊيننس ۾ ملڪ اندر 90 نيب ڪورٽس قائم ڪرڻ جي به سفارش شامل آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن وٽ تجويزون آهن ته پيش ڪري، نيب ترميمي ايڪٽ پارليامينٽ مان منظور ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔