اکين جي سادي ٽيسٽ سان دل جي بيمارين جي سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته اکين جي هڪ سادي ٽيسٽ دل جي بيماري جي خطري جو پتو لڳائي سگھي ٿي.
تحقيق موجب مريضن جي اکين ۾ رت جي ناقص وهڪري جي نشانن تي مريضن جي ريٽينا کي دل جي مسئلن جي علامت جي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.
محققن جو چوڻ آهي ته دل جي بيماري اڪثر رت جي ناڪافي گردش جو سبب بڻجي سگھي ٿي ۽ ريٽينا ۾ جيوگھرڙن جي مُئل هجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. مُئل جيوگھرڙا ريٽينا ۾ مستقل نشان ڇڏين ٿا.
واضح رهي ته ريٽينا اک جو اهو حصو آهي جيڪو روشني کي دماغ جي برقي سگنلز ۾ تبديل ڪري ٿو. ريٽينا ۾ موجود نشان دل جي بيمارين جي علامت ٿي سگھن ٿا.
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا سانڊياگو هيلٿ جي ريٽينا سرجن ۽ مطالعي جي مرڪزي ليکڪ ڊاڪٽر ميٿيو باخوم کي اميد آهي ته ”ريٽينا اسڪيميا“ مريضن کي دل جي بيماري جي خطري جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي.
يونيورسٽي جي هيلٿ ڪلينڪ جا ڊاڪٽر هاڻ اسڪين دوران اسڪيميا جي سڃاڻپ ٿيڻ تي مريضن کي سڌو دل جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ جو چوندا آهن.
اکين جو اهو نقصان نه ڏيندڙ اسڪين رڳو ڪجهه سيڪنڊن جو آهي، اڪثر اکين جا ڊاڪٽر ان اسڪين کي معمول جي ٽيسٽ ۾ تجويز ڪندا آهن. اها ٽيسٽ وڏي پيماني تي نظر جي صورتحال جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
روٽين جي طبي معائني ۾ دل جي بيمارين جي باقاعده جاچ ناهي ڪئي ويندي ۽ شهرين ۾ عام مطور تي ان وقت تائين دل جي بيمارينجي سڃاڻپ ناهي ٿيندي جيستائين اهو علامتن جو شڪار ناهن ٿيندا.
عام طور تي فالج دلجي بيمارين جي پهرين علامت ٿي سگھي ٿي. جيڪا دل جي دوري سان گڏوگڏ هڪ هنگامي حالت سمجهي ويندي آهي، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ورزش نه ڪرڻ انهن خطرن کي وڌائي ڇڏي ٿي.
انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هر سال برطانيا ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 2 لک ماڻهو اسپتال ايندا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ هر سال 8 لک ماڻهو هارٽ اٽيڪ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔