معاشي بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ڪرنسي مان 6 ٻڙيون ختم

ڪاراڪاس: وينزيولا گذريل هفتي ملڪ ۾ هائپر انفليشن (شديد مهانگائي) جي ڪري پنهنجي بوليوار ڪرنسي مان 6 ٻڙين کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهڙي عمل سان وينزيولا ۾ ڪاروباري ادارن ۽ بينڪن ۾ رڳو اڪائونٽنگ سولي ٿيندي ڇو ته اتان جو سسٽم هاڻي وڏي انگ اکرن کي سنڀالي نٿو سگهي.
ڪنهن وقت ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جي خوشحال ترين ملڪ ۾ هاڻي سالن کان هلندڙ معاشي بحران جي ڪري لکين شهري ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.
وينزيولا جي هاڻوڪي صدر نڪولس مادورو جي سوشلسٽ حڪومت ملڪي مسئلن جي ذميواري آمريڪي پابندين تي وجهي رهي آهي جڏهن ته ٻيا خراب ميڪرو ايڪانامل پاليسين کي ان جو سبب چئي رهيا آهن.
ياد رهي ته وينزيولا تيل جي دولت سان مالامال ۽ دنيا جي گڏيل ذخيرن جو سڀ کان وڏو 17.8 سيڪڙو شيئر رکندو آهي جيڪو سعودي عرب کان به وڌيڪ آهي، پر اهو معاشي لحاظ کان دنيا جي ڪمزور ترين ۽ شديد ترين مهانگائي واري ملڪن ۾ شامل آهي.
وينزيولا ۾ هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار يا اجرت رڳو 2.50 آمريڪي ڊالر آهي.
وينزيولا ۾ ٻڙيون ختم ڪرڻ واري روايت نئين ناهي، 2008 ۾ اڳوڻي صدر هوگو شاويز به مهانگائي کي هڪ عدد ۾ آڻڻ جي واعدي سان گڏ ملڪ جي ڪرنسي مان 3 ٻڙيون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اهو ڪڏهن به مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جو هدف حاصل نه ڪري سگهيو هو.
ان جو جانشين صدر نڪولس مادورو جي حڪومت 2018 ۾ وڌيڪ قيمتن جي ڪري ڪرنسي مان 5 ٻڙيون ڪڍي ڇڏيون هيون.
وينزيولا ۾ واپاري ڏي وٺ جي لاءِ آمريڪي ڊالر کي وسيع پيماني تي اپنايو ويو آهي، جنهن جي ڪري اها نئين اسڪيم گهڻي فائديمند ثابت نه ٿيندي ڇو ته وينزيولا ۾ نقد خريداري جي لاءِ بوليوار شاذو نادر ئي استعمال ٿي سگهن ٿا.
معاشي ماهر جوز مينوئل پونٽي، رائيٽرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ملڪ ۾ معاشي اڻ برابري تمام گهڻي آهي ۽ جيڪي ٻڙيون اڄ ختم ڪيون پيون وڃن اهي جلد واپس آنديون وينديون.
پونٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاشي لحاظ کان ٻيهر تبديلي جو ڪو به اثر نه پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔