سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 498 ڪيس ظاهر، 9 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 11823 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي جن مان وڌيڪ 498 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 7451 تي پهچي ويو آهي. اڄ وڌيڪ 585 مريض صحتياب ٿيا، صحتمند ماڻھن جو ڪل تعداد 431090 تائين پھچي ويو آھي. هن وقت 21860 مريض علاج هيٺ آهن. 321 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. 24 مريض وينٽيليٽرز تي آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔