ڄام ڪمال کي وڏ وزارت تان سڀاڻي تائين استعيفيٰ ڏيڻ جو چتاءُ

ڪوئيٽا: بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) جي ناراض صوبائي اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير ڄام ڪمال خان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. بلوچستان عوامي پارٽي جي ٻين ناراض ميمبرن سان ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ظهور بليدي چيو ته ڄام ڪمال خان کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ، جيڪڏهن هن استعيفيٰ نه ڏني ته اسان کيس عدم اعتماد ذريعي اسيمبلي مان ڪڍنداسين.بلوچستان عوامي پارٽي جي ايم پي اي اسد بلوچ چيو ته سندس پارٽي سميت هر ڪنهن ڄام ڪمال تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ، جيڪڏهن ڄام ڪمال 6 آڪٽوبر جي شام 5 وڳي تائين استعيفيٰ نه ڏني ته هو عدم اعتماد سميت سمورا آپشن استعمال ڪندا. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران ، محمد خان لغاري ، سڪندر عمراني ، لالا راشد ، صوبائي پارلياماني سيڪريٽري بشرا رند ، ماه جبين شيران ، ميمبر اسيمبلي ليلا ترين ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي نصيب الله مري پڻ موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔