پيپلز پارٽي پاران ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا لاءِ 17 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان

ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ ڪارساز سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر تي باغِ جناح ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان وزيراعليٰ هائوس ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ ايگزيڪيوٽو جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نائب صدر سرفراز راڄڙ، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزير سعيد غني، سينيٽر سسئي پليجو، جاويد ناياب لغاري، نعمان شيخ، شڪيل ميمڻ سميت پارٽي جي ڊويزنل ۽ ضلعي صدرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 17 آڪٽوبر جي جلسي ۾ ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ ۽ جلسي جون ڀرپور تياريون شروع ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته 17 آڪٽوبر تي ڪراچي جي تاريخي جلسي ۾ هزارين ڪارڪن شرڪت ڪندا ۽ جلسي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔