ٽن ڏينهن تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته دمادم مست قلندر ٿيندو: گرينڊ هيلٿ الائنس

ڪراچي: گرينڊ ھيلٿ الائينس پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج بعد پي ايم اي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد خان، ڊاڪٽر محبوب نوناري، اعجاز ڪليري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جا مطالبا نٿا مڃيا وڃن، هيلٿ رسڪ مستقل ڏنو وڃي. هنن چيو ته پوسٽ گريجوئيٽ ڪندڙن کي الائونس ادا نٿو ڪيو وڃي، جيستائين لٺيون نٿا کائون ۽ تشدد نٿا برداشت ڪيون تيستائين هي حڪومت مطالبا نٿي مڃي. اڳواڻن چيو ته خميس واري ڏينهن يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين، ڪارو ڏينهن ملهائينداسين ۽ ڪنهن به پاليسي ۾ اسانکي آن بورڊ نٿو ورتو وڃي، ٽن ڏينهن تائين مهلت ڏيون ٿا نه ته دما دم مست قلندر ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔