شاهه رخ خان جو پٽ جاچ اختيارين آڏو لڙڪ لاڙي ويٺو، چئن سالن کان منشيات واپرائيندو آهيان: آريان

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) جي آڏو 4 سالن کان منشيات واپرائڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) گذريل ڏينهن ممبئي جي سمنڊ ڪناري تي هڪ ڪروز شپ تي ٿيندڙ پارٽي مٿان ڇاپو هنيو هو ان دوران شاهه رخ خان جي پٽ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ڪارروائي دوران اين سي بي اختيارين آريان خان جو فون ضبط ڪري ورتو هو ۽ اختيارين کي ٻڌايو هو ته آريان جي فون جي اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي ته جيئن اداڪار جي پٽ کان منشيات جي استعمال ۽ خريد وڪرو ۾ ملوث هجڻ جون پڪيون شاهديون ملي سگهن.
ان کان پوءِ عدالت آريان خان کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو. پر هاڻ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جاچ دوران گرفتار آريان اين سي بي اختيارين جي سامهون لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ اهو به مڃي ورتو آهي ته مان گذريل 4 سالن کان منشيات استعمال ڪري رهيو آهيان.
ڀارتي ميڊيا موجب اين سي بي اختيارين ٻڌايو آهي ته جاچ دوران آريان خان انڪشاف ڪيو ته جڏهن مان آمريڪا ۽ دبئي ۾ هئس ته ان دوران به مان منشيات جو استعمال ڪندو هئس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔