قديم انسان پاران ڀوائتي پکيءَ جا بيضا کائڻ جو انڪشاف

ڪينبرا: قديم دور جي انسان پاران هڪ ڀوائتي پکي جا آنا کائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڀوائتي پکي کي ”ڪسوري“ يا ”ڪيسووري“ چيو ويندو آهي. اهو اٺ پکي جو ويجهو مائٽ آهي جيڪو اتر آسٽريليا، نيوگني ۽ ٻين ويجهن جزيرن ۾ رهندو آهي.هاڻ انڪشاف ٿيو آهي ته اڄ کان 2هزار سال اڳ قديم انسان نه رڳو ان ڊگھي پکي کي ڪڪڙين جيان پاليندو هو پر ان جا بيضا ۽ گوشت به کائيندو هو.
قديم آثارن جي ماهرن اها دريافت ڪسوري جي انهن هزارين قديم بيضن جي کلن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ڪئي آهي جيڪي پاپوانيوگني جي جابلو ٻيلن مان دريافت ڪيون ويون آهن ۽ نيوزيلينڊ جي مختلف عجائب گھرن ۾ رکيل آهن.اٺ پکي جيان ڪسوري جي ڊيگھه به 6 فٽن تائين آهي، ان جا بيضا سائي رنگ جا هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔