حڪومت پاران نيب چيئرمين جي ملازمت ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: حڪومت موجوده نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن حڪومتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب چيئرمين جي توسيع بابت قانوني نقطن جو تفصيلي طور تي جائزو ورتو ويو ۽ ڪيتريون تجويزون پيش ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرن تي ٻڌل حڪومتي ڪميٽي سفارشن جو مسودو تيار ڪيو جڏهن ته مسودي ۾ نيب آرڊيننس ۾ هڪ کان وڌيڪ ترميم به ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب ترميمون پارلياماني مامرن وارو صلاحڪار بابر اعواڻ، قانون وارو وزير فروغ نسيم ۽ احستاب بابت خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر تيار ڪيون.

ذريعن موجب نيب چيئرمين جاويد اقبال جي توسيع بابت حتمي منظوري اڄ وزيراعظم کان ورتي ويندي جنهن لاءِ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊپٽي نيب چيئرمين حسين اصغر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔