سنڌ ڪابينا ڪڻڪ 15 آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري معاملي تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون، سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اٽو مهانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار 12 لک ٽن ڪڻڪ ذخيرو هُئڻ باوجود رليز نه ٿي ڪري، جنهن سبب ڪڻڪ مهانگي ٿي، وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي.

 سنڌ ڪابينا ڪڻڪ 15 آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 1950 رُپيا في مڻ مقرر، ڪابينا اجلاس کي بريفنگ دوران خوراڪ جي وزير چيو ته پنجاب حڪومت 20 سيپٽمبر تي 1950 رُپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ جاري ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي گدامن ۾12.1 ٽن ڪڻڪ ذخيرو هئڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔