پينڊورا پيپرز ۾ جن جا نالا آيا انهن کي جيل ۾ وڌو وڃي: شاهد خاقان

اسلام آباد: شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انصاف جي گهرج اها آهي ته پينڊورا پيپرز ۾ جن جا نالا آيا آهن انهن کي جيل ۾ وڌو وڃي. جيڪو سلوڪ اپوزيشن اڳواڻن سان ڪيو ويو اهوئي انهن 700 ماڻهن سان ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم جي ٺاهيل ڪميٽي جي ڪابه اهميت نه آهي. 

رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته احتساب جا 3 سال گذري ويا. پر اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته الزام ڪهڙو آهي. نيب اڳ جيل ۾ وجهندو آهي ڪيس بعد ۾ ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪنهن جي خلاف ثبوت نه اچڻ تي اهي بيگناهه هوندا آهن. هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ نوازشريف جو نالو نه هو پر ان تي جي آءِ تي ٺهي. ان 700 ماڻهن جي خلاف به ماضي جيان جاچ ٿيڻ گهرجي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته(ن) ليگ لاءِ قانون ڪجهه ٻيو ۽ ٻين جي لاءِ ڪجهه ٻيو قانون آهي. حڪومت جي ذميواري آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ وارو طريقو ئي پينڊورا پيپرز جي جاچ ۾ اپنايو وڃي. نوازشريف کان علاوه ڪنهن کي  به سزا نه ڏني وئي. هن چيو ته ڪميشن ٺاهيا ويندا آهن پر اڄ تائين ڪوبه ڪميشن فيصلو ناهي ڪري سگهيو. جڏهن کان حڪومت آئي آهي 10 کان 15 ڪميشنون ٺهي چڪيون آهن. ملڪ کي آرڊيننسز سان هلايو پيو وڃي. اڄ کان ملڪ جي قانوني ۽ آئيني گهرجن کي ختم ڪري نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔