مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ گڏيل درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب مريم نواز ايڊووڪيٽ عرفان قادر ذريعي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست جمع ڪرائي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احتساب عدالت 6 جولاءِ 2017 تي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائي جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ پوليٽيڪل انجنيئرنگ ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين جي ڪلاسڪ مثال آهي. درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي پاران بار کي ڪيل خطاب جو به حوالو ڏنو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فاضل  اڳوڻي جج چيف جسٽس کي اپروچ ڪيو ته اسان کي چونڊن تائين نوازشريف ۽ ان جي ڌيءَ کي ٻاهر ناهي وڃڻ ڏيڻو. چيف جسٽس آءِ ايس آءِ وارن کي چيو ته جنهن بينچ مان اوهان مطمئن آهيو اها بينچ ٺاهي ٿا ڇڏيون. مريم نواز  پنهنجي موقف ۾ چيو ته جسٽس شوڪت صديقي ٻڌايو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ مون سان 29 جون 2018 تي ملاقات ڪئي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جسٽس شوڪت عزيز صديقي طرفان لڳايل الزامن جي ترديد ناهي ڪئي. جسٽس شوڪت صديقي جي بيان سان عدالتي فيصلي جي اڻڌري هجڻ تي شڪ پيدا ٿيا. جج ارشد ملڪ جي به وڊيو وائرل ٿي ته ان تي نوازشريف کي سزا ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ هو.

مريم نواز وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ جاچ ۽ استغاثه جي  نگراني ڪئي.   پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن ائين ڪنهن به ڪيس ۾ ناهي ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جو آئين ۾ ڪردار نه جاچ ڪندڙ جو آهي نه ئي پراسيڪيوٽر جو. اٿاثن جي الزام ۾ 3 ڌار ريفرنس داخل ڪرڻ به قانون جي ڀڃڪڙي هئي. عدالت ان سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ان سمورن الزامن مان بري ۽ سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي. واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ميان نوازشريف کي 10 سال، مريم نواز کي 7 سال جڏهن ته ڪيپٽن(ر) محمد صفدر کي هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي  درخواست تي ان سزائن کي معطل ڪري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔