صحت لاءِ وڏي خطري ”ٿڪاوٽ“ جا سبب ۽ حل

ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي هر روز وارو ڪم ڪري به ٿڪجي پوندا آهن ۽ انهن جي دل ڪجهه به ڪرڻ تي ناهي چوندي.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄوڪي دور ۾ ٿڪاوٽ هڪ وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي ۽ اها ٿڪاوٽ توهان جي صحت لاءِ تمام گهڻي نقصانڪار آهي.
ڪيترائي ماڻهو هر وقت بيزاري محسوس ڪندا رهندا آهن، ڪنهن ڪم ۾ انهن جي ذرو به دل ناهي لڳندي ۽ ڪم ڪرڻ جو خيال ايندي جسم مان طاقت ختم ٿيندي محسوس ڪندا آهن.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته پيٽ ڀري ماني کائڻ ۽ ننڊ پوري ڪرڻ جي باوجود به ٿڪاوٽ جو شڪار ڇو ٿيندا آهيو؟
آئرن جي کوٽ
جسم ۾ آئرن جي کوٽ توهان کي ڪمزور، ڌيان ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم سست ۽ چڙچڙيو بڻائي ڇڏيندي آهي.
آئرن جي مستقل کوٽ مختلف سنگين مرضن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، تنهن باوجود به پنن واريون سبزيون، انڊن، نٽس ۽ وٽامن سي سان ڀرپور شين جي استعمال سان انکان بچي سگهجي ٿو.
مٺي کائڻ جو شوق
مٺاڻ کائڻ سٺي ڳالهه آهي پر حد کان وڌيڪ مٺاڻ کائڻ مختلف بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو، انڪري مٺاڻ ضرور واپرايو پر حد اندر رهي، جڏهن ته پروٽين سان ڀرپور غذائن کي ترجيح ڏيو.
ورزش نه ڪرڻ
جيڪڏهن ڪو ماڻهو جسماني سرگرمين کان پري رهندڙ آهي ته اهو ضرور پنهنجي جسم ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪندو، جڏهن ته ورزش جو معمول جسماني مضبوطي وڌائيندي آهي جڏهن ته توهان جي دل وارو نظام به بهتر طريقي سان ڪم ڪندو آهي.
پاڻي جو گهٽ استعمال ڪرڻ
پاڻي جو گهٽ استعمال ڪرڻ انسان کي ڊي هائڊريشن جو شڪار بڻائي ڇڏيندو آهي جنهن سان رت گهاٽي ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دل جي ڪارڪردگي گهٽجي ويندي آهي ۽ توهان جي سَنڌَن ۽ ٻين عضون کي آڪسيجن جي فراهمي گهٽجي ويندي آهي جنهن جو نتيجو ٿڪاوٽ جي صورت ۾ نڪرندو آهي.
ناشتو نه ڪرڻ
توهان اٿندا آهيو ته ناشتي جي صورت ۾ پنهنجي توانائي کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي آهي، جنهن کي ڇڏڻ توهان کي سستي جو شڪار بڻائي ڇڏيندي آهي.
ڪافي جو استعمال
ڪفين جو تمام گهڻو استعمال ننڊ ۽ جاڳڻ واري سائيڪل کي تمام خراب نموني متاثر ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ڏينهن ٿڪاوٽ جو احساس هاوي رهندو آهي.
مٿي ڄاڻين سڀني شين کي ترڪ ڪري توهان سستي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهو ٿا جنهن جا صحت تي وڏا خطرناڪ اثر پوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔