بابر اعظم ڪرس گيل ۽ ويرات ڪوهلي سميت سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

راولپنڊي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سڀني کي پوئتي ڇڏيندي هڪ ٻيو عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ تيز ترين 7 هزار رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو آهي، اهڙو ڪارنامو هن راولپنڊي ۾ جاري نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران انجام ڏنو.
بابر اعظم 7 هزار رنسون 187 اننگز ۾ مڪمل ڪيون، جڏهن ته اڳ ۾ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل وٽ هو، جنهن 192 اننگز ۾ 7 هزار رنسون ٺاهيون هيون.
تيز ترين 7 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسن جي فهرست ۾ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٽئين، آسٽريليا جا ايرون فنچ ۽ ڊيوڊ وارنر ترتيت وار چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.
بابر اعظم ان کان اڳ تيز ترين 6 هزار رنسون ٺاهيندڙ ايشين بيٽسمين پڻ رهي چڪو آهي، جڏهن ته هن تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسن جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪيو هو، ان رڪارڊ لاءِ هن ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي 4 اننگز تان پوئتي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔