واٽس ايپ سروس متاثر ٿيڻ تي ماڻهن جو سهارو ”سگنل“

سڄي دنيا واٽس ايپ جي سروس ڊائون ٿيڻ جي ڪري واهپيدار سخت پريشان ٿي ويا آهن.
واٽس ايپ سروس ڊائون ٿيڻ جي ڪري آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ ايپ ”سگنل“ جي نئين واهپيدارن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي.
جنهن سگنل ٽوئيٽر تي هڪ بيان جاري ڪندي نئين واهپيدارن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اسان کي علم آهي ته بندش دوران ڪئين ڪم ڪيو ويندو آهي.
سگنل جو چوڻ هو ته اهي بند ٿيندڙ سوشل ميڊيا ويب سائيٽس جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ انجنيئرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ ايپ ”سگنل“ ايپ کي واٽس ايپ جو متبادل سمجهو ويندو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ، فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام سروس متاثر ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري واهپيدارن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.
ٽنهي اپيز جي سروس معطل ٿيڻ کي ساڍن ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر هن وقت تائين سرسز بحال ناهن ٿي سگهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔