سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ ۽ فيس بوڪ جي سروس متاثر ٿي وئي آهي.
واٽس ايپ سان گڏ انسٽاگرام ۽ فيس بوڪ جي سروس به متاثر ٿي وئي آهي.
پاڪستان جي ڪجهه شهرن ۾واٽس ايپ سروس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جنهن جي ڪري شهرين کي هڪٻئي سان رابطن ۾ مونجهارا پيش آيا.
ٻئي پاسي واٽس ايپ طرفان ٽوئيٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ هنن سروسز دائون ٿيڻ تي واهپيدارن کان معذرت ڪري ورتي.
واٽس ايپ لکيو ته اسان کي ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي آهي ته ڪجهه ماڻهن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ ۾ مسئلا اچي رهيا آهن.
هنن وڌيڪ لکيو ته اسان سڀني مسئلن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ جلد ان بابت اپ ڊيٽ معاملا جاري ڪيا ويندا.
پچھلی پوسٹ