ڪورونا وائرس وگھي وڌيڪ 27 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 27 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 893 ٿي ويو ،

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 51 هزار 348 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 490 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا.

پنجاب ۾ 4 لک 33 هزار 286، سنڌ ۾ 4 لک 60 هزار 111، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 74 هزار 671، بلوچستان ۾ 32 هزار 981، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 332، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 733 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 234 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 95 لک 90 هزار 145 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 415 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 77 هزار  249 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 407 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔