نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل بيان موجب بجلي جي قيمت ۾  في يونٽ هڪ رپئي 65 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾  ڪيو ويو آهي.

گذريل مالي سال جي پھرين ۽ ٻين ٽه ماهي ۾ بجلي جي قيمت 89 پيسا في يونٽ وڌائي وئي هئي، ٽئين ٽه ماهي ۾ 67 پيسا ۽ چوٿين ٽه ماهي ۾ 83 پيسا واڌ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔