وفاقي گهرو وزيرطرفان افغانستان مان 20 هزار ماڻهو پاڪستان اچڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ پينڊورا پيپرز مان ڪجهه به ناهي نڪتو، سٺي ڳالهه آهي جو وزيراعظم پيپرز ۾ آيل 700 پاڪستانين کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، وفاقي گهرو وزير طرفان 15 آگسٽ کان هيل تائين افغانستان مان 20 هزار ماڻهو پاڪستان اچڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 6 هزار ماڻهو افغانستان مان واپس وڃي چڪا آهن، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت خبر ناهي، افغانستان لاءِ ٽن هفتن ۾ آن لائين ويزا سروس شروع ڪئي ويندي.

جعلي سڃاڻپ ڪارڊ اسڪينڊل ۾ 10 صالن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، اسڪينڊل ۾ ملوث 136 آفيسرز کي معطل ڪري ڇڏيو، جعلي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ۾ ملوث نادرا عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي پ پ سينيٽر شيري رحمان پينڊورا پيپرز تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ بڻائڻ جا نعرا کوکلا آهن، اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ احتساب جو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي.

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته اڃا به پينڊورا باڪس کُلندو ۽ وڌيڪ نالا ظاهر ٿيندا، پينڊورا پيپرز ۾ پيپلز پارٽي جي رڳو هڪ ماڻهو شرجيل ميمڻ جو نالو آيو آهي، اُن حوالي سان پيپلز پارٽي جي قيادت فيصو ڪندي.

ھن چيو تھ وزيراعظم عمران خان پنهنجي ماڻهن خلاف ڪارروائي نه ڪندو، پينڊورا پيپرز ۾ وزيراعظم جي ويجهن ماڻهن جا نالا اچڻ نئين ڳالهه ناهي، ڇا وزيراعظم پنهنجي ماڻهن خلاف سپريم ڪورٽ ويندو يا ٻين اسڪينڊلز جيان رڳو رپورٽ طلب ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔