پاناما پيپرز کانپوءِ پينڊورا پيپرز به ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل

ڪراچي : وفاقي ناڻي وزير شوڪت ترين، وفاقي وزير مونس الاهي، سينيٽر فيصل واوڊا، پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ، علي جهانگير صديقي ۽ نواز ليگ سينيٽر اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار سميت 700 پاڪستاني جون آف شور ڪمپنيون ظاهر، رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا به ميگا اسڪينڊل پينڊورا پيپرز ۾ شامل، دنيا جي سڀ کان وڏي مالياتي اسيڪنڊل پينڊورا پيپرز ٿرٿلو مچائي ڇڏيو،  پاناما اسڪينڊل کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي پينڊورا پيپرز جي نالي سان سامهون آيل اسڪينڊل ۾ بينڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جا نالا به سامهون آيا آهن،

انٽرنيشنل ڪنسورشيئم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) موجب هڪ ڪروڙ 19 لک فائلن تي ٻڌل پينڊورا پيپرز ڪنسورشيم هيل تائين جو سڀ کان وڏو معاشي راز آهي، جيڪو پاناما پيپرز سان به جڙيل آهي، جنهن سڄي دنيا ۾ خطري جون گهنٽيون وڄائي ڇڏيون آهن. پينڊورا پيپرز جاچ ۾ ناڻي وزير شوڪت ترين جون 4 ڪمپنيون آهن، مونين انڪارپوريٽٽڊ برٽش ورجن آئلينڊ، ٽريپرنا، سي فيڪس، هامرا انڪارپوريٽڊ ڪمپنيون شامل آهن، هڪ ڪمپني شوڪت ترين جي پنهنجي نالي ۽ هڪ ڪمپني پنهنجي ڀاءُ جي نالي تي آهي، هڪ گهرواري ۽ هڪ ڀاڄائي جي نالي تي ڪمپني آهي،

وفاقي وزير مونس الاهي جي نالي تي 2 ڪمپنيون گرين هلز ٽرسٽ ۽ ونٿروپ فنڊ آهن، سينيٽر فيصل واوڊا جي نالي تي هڪ ڪمپني ڊيزلنگ ورلڊ وائڊ لميٽڊ برٽس ورجن آئلينڊ ظاهر ٿي آهي، عالمي جاچ رپورٽ ۾ پنجاب جي صوبائي وزير عليم خان جي نالي هڪ ڪمپني ظاهر ٿي آهي،اڳوڻي ناڻي وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار جي نالي تي 2 ڪمپنيون براق هولڊنگز لميٽيڊ، ڊار النهيار لميٽڊ برٽش ورجن آئلينڊ، پ پ اڳواڻ ۽اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي نالي تي 3 آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ مخدوم عمر شهريار جي نالي تي به ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار وقار مسعود جي پٽ عبدالله مسعود جي نالي تي هڪ ڪمپني آهي، وقار مسعود خان آءِ سي آءِ کي ٻڌايو ته مونکي خبر ناهي ته منهنجي پٽ جي ڪمپني ڇا ڪندي آهي؟ منهنجو پٽ منهنجي ڪفالت هيٺ نه آهي، جڏهن ته سي اي او ابراج گروپ عارف نقوي، نيشنل بينڪ جي صدر عارف عثماني ۽ ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ جي نالي به آف شور ڪمپني نڪري آئي آهي، پينڊورا پيپرز جي فهرست ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن، ڪجهه بينڪارن، ڪجهه ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن جا نالا به شامل آهن.  آءِ سي آءِ جي اعتراف ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي نالي ڪنهن آف شور ڪمپني  جو ثبوت نه مليو، نئين پاڪستان جو واعدو ڪندڙ وزيراعظم جي آس پاس موجود ماڻهن ڪيترائي ملين ڊالرز ڳجهي طور آف شور ڪمپنين ۾ منتقل ڪيا. واضح رهي ته جيڪڏهن قانون مطابق آف شور ڪمپني ڊڪليئر ڪئي وئي هجي ۽ اها ڪمپني ڪنهن غيرقانوني ڪم لاءِ استعمال نه ڪئي وئي هجي ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو غيرقانوني عمل نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔