پيٽرول سڀني کان سستو ڏئي رهيا آهيون، مهانگائي سبب عوام جي تڪليف جو احساس آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي احساس آهي ته مهانگائي سبب هيٺين طبقي جي ماڻهن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سڀني کان گهٽ قيمت تي ڊيزل ۽ پيٽرول ڏئي رهيا آهيون.

وزيراعظم عمران خان ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو  ته حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته غريبن کي تڪليف گهٽ ٿئي. ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ پاڻ مٿان ڀاڙڻ ضروري آهي. مديني جي رياست فلاحي رياست هئي، اتي ماڻهن جي فلاح لاءِ ڪم ٿيندو هو. مهذب معاشري ۾ احساس ۽ انسانيت کان وڌيڪ ڪابه شيءَ نه آهي. چين هيٺين طبقي کي مٿي آڻي ترقي ڪئي. چيني صدر چيو ته اسان غربت ختم ڪري ڇڏي آهي. 35 سال اڳ چين ڇا هو ۽ هاڻ ڪٿي بيٺل آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان وڏي غلطي ڪئي هي پروگرام اسان کي 74 سال اڳ شروع ڪرڻ گهرجي ها. اسان سمجهيو ٿي ته پئسا ايندا ته پوءِ اسان ملڪ کي فلاحي رياست بنائينداسين. ملڪ ۾ سرپلس ٿيڻ تي پئسا غريبن تي لڳائڻ جي سوچ غلط هئي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان نظام ايليٽ طبقي جي لاءِ ٺهيو آهي. اشرافيه تعليم مان انصاف تائين جي نظام مان غلط فائدو کنيو. ماضي ۾ تعليم جي شعبي کان وٺي هر معاملي ۾ غلط پاليسيون اختيار ڪيون ويون. تعليم جي شعبي ۾ به ايليٽ طبقو فائدو کڻي رهيو هو. هڪ جهڙي تعليمي نظام مان هر طبقو فائدو کڻندو. ان کان اڳ وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪيو. پروگرام محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ  ۽ مالي لحاظ سان بااختيار بنائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي.

ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار اد اڪندو. اسڪالر شپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي ڪامياب پاڪستان پروگرام سان جوڙيو ويندو. هي غربت ۽ ڪمزور طبقي جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعمير آهي.  هن پروگرام جا 5 اهم جز آهن جنهن ۾ هارين کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ، شهرين کي ڪاروبار لاءِ 5 لکن تائين بنا وياج جي قرض، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ فنانسنگ جي سهوليت، اسڪالر شپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد پروگرام آهي جنهن جي تحت 37 لک گهراڻن کي 14 سئو ارب روپين جا قرص ڏنا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔