شمسي توانائي تي هلندڙ موبائل هوم تيار

نيوزيلينڊ ۾ ماحولياتي شعور رکندڙ شاگردن شمسي توانائي سان هلندڙ اليڪٽرڪ ڪيمپر وين تيار ڪري ورتي آهي.
سٽيلا ويٽا نالي گاڏي ڇت تي لڳل شمسي پينل جي مدد سان هلي ٿي ان ۾ شاور وٺڻ، ٽي وي ڏسڻ، ليپ ٽاپ چارج ڪرڻ ، ڪافي ٺاهڻ يا ننڍي چلهي تي کاڌو پچائڻ لاءِ توانائي فراهم ڪئي وئي آهي.
اها 20 شاگردن جي تخليق آهي جيڪا نيدرليند جي انڊهوون يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي جي هڪ تحقيقي گروپ جو حصو آهي.
ٽيم جي اها نيري ۽ اڇي رنگ جي ڪار وين يورپ جي ٽن هزار ڪلوميٽرن جي روڊ ٽرپ تي نڪري پئي آهي، پوري يورپ جو چڪر لڳائڻ کان پوءِ ٽرپ اسپين جي ڏکڻ واري شهر طريفا ۾ ختم ٿيندي.
عجيب نظر ايندڙ موبائل هوم وين گذريل هفتي پيرس کان ٻاهر هڪ ٽيسٽ ڊرائيو ڪئي.
شاگرد پنهنجي ٽور دوران مختلف شهرن ۾ اسٽاپ ڪندا.۽ اتي مختلف ايوينٽس منعقد ڪري آگاهي پيدا ڪندا ته توانائي ۽ چر پر جي لحاظ سان پائيدار مستقبل لاءِ ڇا ممڪن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔