افغان ڇوڪرين جي فٽبال ٽيم رونالڊو جي ملڪ منتقل ٿي وئي

افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغان ڇوڪرين جي فٽبال ٽيم پنهنجو ملڪ ڇڏي جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ملڪ جي پرتگال منتقل ٿي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ ٽيم ميمبر سارا جو چوڻ هو ته وطن ڇڏڻ تڪليف ڏيندڙ هو پر اسان حفاظت سان پرتگال ۾ پيشيوراڻي بنيادن تي فٽبال کيڏڻ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ پراميد آهيون ۽ شايد ڪنهن ڏينهن پنهنجي پسنديده اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سان به ملون.
سارا افغانستان جي يوٿ فٽبال ٽيم اسڪواڊ جي انهن رانديگرياڻين مان هڪ آهي، جيڪي طالبان طرفان ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ خوف سبب پنهنجو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيون.
پنهنجي ماءُ ۽ ٻين رانديگرياڻين سان گڏ لزبن پهتل سارا وڌيڪ چيو ته هاڻ مان آزاد آهيان، منهنجو خواب آهي ته رونالڊو جهڙي سٺي پليئر بڻجان ۽ مان هتي (پرتگال ۾) هڪ وڏي ڪاروباري شخصيت به بڻجڻ چاهيان ٿي.
واضح رهي ته طالبان عورتن کي راندين ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ کان انڪاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔