ڪورونا وائرس جي علاج ۾ اڳڀرائي جو امڪان

عالمي وبا ڪورونا وائرس جي علاج ۾ وڏي اڳڀرائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
طبي ماهرن ويڪسين بدران ڪورونا جي علاج خلاف اينٽي وائرل دوا ڪلينيڪل ٽرائل ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
مولنو پيراوير (Molnupiravir) نالي دورا سان گڏوگڏ ڪورونا خلاف ٻين دوائن جي تياري ۾اڳڀرائي به دنيا لاءِ اميد جو سبب بڻجي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب طبي ماهرن ٻڌايو ته مولنوپيراوير جي پهرين ڪلينيڪل ٽرائل جي نتيجن ۾ هثبت اثر ڏٺو ويو جڏهن ته ڄاڻايل دوا انتهائي ڪمزور ماڻهن کي ڪورونا جي بدترين اثرن کان بچائڻ جو هڪ نئون طريقوفراهم ڪري سگھي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔