ليجنڊ اداڪار عمر شريف جو مڙهه اڱاري تي پاڪستان آڻڻ جو امڪان

ڪراچي: گذريل ڏينهن جرمني ۾ لاڏاڻو ڪري ويل ليجنڊ مزاحيه اداڪار عمر شريف جي مڙهه کي اڱاري واري ڏينهن پاڪستان آڻڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب ليجنڊ اداڪار عمر شريف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ ۽ ان جي تدفين جي حوالي سان حڪومتي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو عمر شريف سان گڏ علاج جي لاءِ ويندڙ سندس گهر واري سان لاڳيتو رابطو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب حڪومتي سطح تي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته مڙهه جي منتقلي جي حوالي سان سومر کان باقاعده ڪاغذي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ۽ اميد آهي ته ان جو مڙهه اڱاري تي ڪراچي پهچندو.
مرحوم عمر شريف جي پٽ صحافين کي ٻڌايو ته عمر شريف جي خواهش هئي ته کيس حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ دفن ڪيو وڃي. جڏهن ته سندس گهر واري زرين غزل مشهور عالم دين مفتي تقي عثماني کي درخواست ڪئي آهي ته اهو عمر شريف جي جنازي جي نماز پڙهائي. سنڌ حڪومت طرفان به چيو ويو آهي ته مرحوم ۽ ان جي گهر ڀاتين جي خواهش جو احترام ڪيو ويندو.
عمر شريف جو مڙهه ڪراچي اچڻ کان پوءِ جنازي جي نماز ۽ تدفين جو اعلان ڪيو ويندو. عمر شريف جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر شيد جو مڙهه گلشن اقبال ۾ سندس ساهورن جي گهر آندو ويندو. جڏهن ته جنازي جي نماز ڪلفٽن ۾ واقع عمر شريف پارڪ ۾ ادا ڪئي ويندي. مشهور سماجي اداري سيلاني ويلفيئر جو بشير فاروقي جنازي جي نماز پڙهائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔