افغان شهر جلال آباد ۾ فائرنگ، صحافي سميت چار ڄڻا مارجي ويا

ڪابل: افغان صوبي ننگرهار جي شهر جلال آباد ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا.
افغان ميڊيا جي رپورٽن موجب فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ افغان صحافي ۽ ليڪچرار سيد معروف سعادت به شامل آهي.
مقامي ماڻهن موجب مارجي ويل 2 ڄڻن جو تعلق طالبان سان آهي جڏهن ته فائرنگ سبب صحافي معروف سعادت جو پٽ به سخت زخمي ٿي پيو آهي.
افغان ميڊيا موجب اڃان تائين ڪنهن به گروپ طرفان فائرنگ جي ذميواري قبول نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔