پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان، گاڏين جي مالڪن ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي جنهن سبب شهرين کي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سفر ڪرڻ ۽ سامان کڻي وڃڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. رڪشي ۽ ننڍين مال بردار گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب ملڪ ۾ هر مهيني پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين سبب مهانگائي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڪوئٽه ۾ پيٽرول 127 روپيه في ليٽر تي پهچڻ کان پوءِ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي جڏهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به گاڏين وارن ڀاڙي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب شهرين جو هاڻ سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
شهرين کي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه ڪم جي سلسلي سفر ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. رڪشي وارن ويجهي سفر جي ڀاڙي ۾ 50 کان هڪ سئو روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن. ڪوئٽه شهر ۾ هڪ محتاط اندازي موجب 20 هزار کان وڌيڪ رڪشا هلي رهيا آهن جن ۾ وچولي طبقي جا ماڻهو سفر ڪندا آهن.
رڪشي مالڪن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب ڀاڙا وڌائڻ تي مجبور آهيون. مختلف مڪتب فڪ جي ماڻهن جو موقف آهي ته شهر ۾ پبلڪ ترانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ لاڳيتو اضافو ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه جي خاموشي مذمت جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔