زمين جا کاتا تبديل ڪيس: ڄام خان شورو سوڌو 18 ڄڻا عدالت ۾ پيش

حيدرآباد؛ حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ زمين جا کاتا تبديل ڪيس جي سلسلي ۾ ڄام خان شورو سوڌو 18 ڄڻا عدالت ۾ پيش احتساب عدالت جو جج انعام علي ڪلهوڙو موڪل تي هئڻ سبب ڪيس ۾ گواهن جون شاهديون رڪارڊ نه ٿي سگهيون. عدالت صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف داخل نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نيب جنوري 2021ع دوران آبپاشي کاتي جي 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ تي صوبائي وزير ڄام خان شورو سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽيي سميت 18 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔