ارسا ڪميٽي اجلاس ۾ بلوچستان جي نمائندي مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪيو: ڄام خان شورو

حيدرآباد: سنڌ حڪومت ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جي 5 آڪٽوبر تي رٿيل اجلاس ۾ شرڪت کي مشروط بنائيندي اعلان ڪيو آھي ته جيڪڏهن صلاحڪاري ڪميٽي پاڻي جي ورڇ وارو معاملو ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ته سنڌ جو ڪو به نمائندو ان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ان حوالي سان حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس چيو آھي ته ارسا پاڻي جي کوٽ جو بهانو بنائي سنڌ کي ربيع جي مند ۾ به گهٽ پاڻي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي جڏهن ته سنڌ جي اعتراضن ۽ تجويزن کي ڪا به اهميت نٿي ڏني وڃي. گذريل اجلاس ۾ به سنڌ جي نمائندي تي چٿرون ڪيون ويون جنهن سبب سنڌ جي نمائندن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. هن چيو ته پاڻي جي ورڇ لاء 1991ع وارو ٺاھ موجود آھي ۽ ان ٺاھ تحت ئي پاڻي جي ورڇ ٿيڻ گهرجي۽ کوٽ جي صورت ۾ سڀني صوبن کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گهرجي. کوٽ صرف سنڌ جي حصي ۾ ڇو ٿي شامل ڪئي وڃي. صلاحڪاري ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان جي نمائندي مير جعفر ۽ مير صادق وارو ڪردار ادا ڪيو. بلوچستان جي سياسي جماعتن کي سندن نمائندي جي ڪردار جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن گڊو وٽ سنڌ کي پورو پاڻي نه مليو ته سنڌ بلوچستان کي حصي جو پاڻي ڏيڻ کان قاصر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔